درس عبدالغني

درس، عبدالغني: نامور صحافي ۽ اديب عبدالغني درس 29 مارچ 1956ع تي ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو شير محمد درس آهي. هن ابتدائي تعليم نسيم پرائمري اسڪول الهداد چنڊ ڳوٺ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. بعد ۾ مصطفيٰ اورينٽل ڪاليج مان اديب عالم فاضل، بي. اي. ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي سوشيالاجي ۽ ايم. اي صحافت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن پنهنجي نوڪري ڪمپازيٽر جي حيثيت ۾ روزاني عبرت اخبار ۾ شروع ڪئي. بعد ۾ نامور صحافي ۽ ايڊيٽر خير محمد کوکر جي رهنمائيءَ ۾ پروف ريڊر، سب ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، عبرت سنڊي ايڊيشن، ٻارن جي صفحي، ديني صفحن جو انچارج مقرر ڪيو ويو. پندرهن روزه ڪاوش مئگزين ۽ پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. بعد ۾ روزاني سنڌ نيوز ۾ انچارج ايڊيٽر ۽ روزاني خلق ۽ روزاني مهراڻ ۾ آخري ڏينهن ۾ ڪم ڪيائين.
سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’منزل منزل دوکو‘ شايع ٿي چڪو آهي. هن حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام بابت ڪتاب تحرير پڻ ڪيو هو. هن نوجوانن، ليکڪن جي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪري، انهن جون ڪهاڻيون شايع ڪيون. ينگ رائيٽرس گلڊ سنڌ جو ڪنوينر رهيو. سنڌ يونين ۽ ڪراچيءَ ۾ جلسن منعقد ڪرڻ تي ملٽري ڪورٽ کيس سزائون ڏنيون. اردو اخبار مساوات جي بحاليءَ جي جدوجهد دوران لاهور مان گرفتار ڪري پنجاب بدر ڪيو ويو. غني درس ريڊيو پاڪستان جي لاءِ فيچر ۽ ٽي وي تي پروگرام پيش ڪيا. پاڪستان نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول بورڊ سنڌ جو صوبائي ميمبر پڻ رهيو. 1985ع ۾ ڪائونسلر جي چونڊ ۾ بيٺو.
عبدالغني درس فالج جو حملو ٿيڻ سبب 4 مارچ 2007ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.03.29  عيسوي

نامور صحافي ۽ اديب عبدالغني درس 29 مارچ 1956ع تي ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


2007.03.04  عيسوي

عبدالغني درس فالج جو حملو ٿيڻ سبب 4 مارچ 2007ع تي وفات ڪري ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڀٽي
علاؤ الدين نيازي شيخ
رياض حسين ميمڻ
ضمير نيازي
پنهيار علي بخش اصغر
امداد سومرو
الياس شاڪر
علي رضا سهتو
اخترعلي
حيدري نذير حسين
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون